ڊاڪٽر جميل جالبي

ڊاڪٽر جميل جالبي

جميل جالبي ڊاڪٽر

جميل جالبي ، ڊاڪٽر: اردوءَ جو ناميارو اديب ، نقاد ۽ محقق ، ڊاڪٽر جميل جالبي ، 1 جولاءِ 1929ع تي عليڳڙهه ۾ ڄائو . ايم . اي ( انگريزي ) 1949ع ۾ ۽ ايم . اي ( اردو ) 1950ع ۾ ڪيائين . ان سان گڏ ئي 1950ع ۾ ايل . ايل . بي جو امتحان پاس ڪيائين . 1971ع ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي نگرانيءَ ۾ ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين ۽ 1975ع ۾ ڊي . لٽ جي ڊگري ورتائين . شروعات ۾ انڪم ٽيڪس کاتي ۾ ملازم رهيو . 1983ع کان 1987ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو . ان بعد کيس 1987ع کان 1994ع تائين نيشنل لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو . 1991ع کان 1998ع تائين اردو لغت بورڊ جي اعزازي صدر طور خدمتون سرانجام ڏنائين . ادب ۾ سندس دلچسپيءَ جو موضوع تحقيق رهيو آهي . سندس 40 کن ڪتاب ڇپيل آهن . سندس تنقيد جي موضوع تي ڇپيل ڪتابن ۾: ’تنقيد اور تجربه ‘ ( 1967ع ) ، ’مير تقي مير ‘ ( هڪ مطالعو: 1981ع ) ، ’ادب ڪلچر اور مسائل ‘ ( 1986ع ) ، ’ن . م راشد- ايڪ مطالعه ‘ ( 1986ع ) ، ’معاصر ادب ‘ ( 1991ع ) ، ’قومي زبان ، يڪجهتي ، نفاذ اور مسائل ‘ ( 1989ع ) ، ’قلندر بخش ” جراءت “ ‘ ( لکنوي تهذيب جو نمائنده شاعر: 1990ع ) ۽ ’ميراجي- ايڪ مطالعه ‘ ( 1990ع ) شامل آهن .
تحقيق جي موضوع تي سندس ڪتاب: ’ديوان حسن شوقي ‘ ( 1971ع ) ، ’ديوان نصرتي ‘ ( 1972ع ) ، ’مثنوي ڪدم رائو ، پدم رائو ‘ ( 1973ع ) ، ’ادبي تحقيق ‘ ( 1994ع ) تي لکيل آهن . سندس تيار ۽ ايڊٽ ڪيل لغتن ۾: ’قديم اردو ڪي لغت ‘ ( 1973ع ) ، ’فرهنگ اصلاحات جامعه عثمانيه ‘ ( جلد پهريون: 1991ع ) ، ’قومي انگريزي اردو لغت ‘ ( 1992ع ) ، ’فرهنگ اصلاحات جامعه عثمانيه ‘ ( جلد ٻيو: 1993ع ) شامل آهن . تاريخ جي موضوع تي: ’تاريخ ادب اردو ‘ ( جلد پهريون: 1975ع ) ، جلد ٻيو ( حصو پهريون: 1982ع ) ، جلد ٻيو حصو ٻيو ( 1982ع ) ، جلد ٽيون ( 2006ع ) ڇپيل اٿس ۽ سندس ترجمن ۾: ’ايليٽ ڪي مضامين ‘ ( 1990ع ) ، ’ارسطو سي ايليٽ تڪ ‘ ( 1975ع ) ، ’برصغير ۾ اسلامي جديديت ‘ ( 1989ع ) ، ’برصغير ۾ اسلامي ڪلچر ‘ ( 1990ع ) ، ’بوطيفا از: ارسطو ‘ ( 1998ع ) شامل آهن ، جڏهن ته ڪلچر جي موضوع تي ڪجهه انگريزي ڪتاب ۽ ڪجهه ٻاراڻي ادب ۾ به ڪتاب ڇپيل آهن .
ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي زندگي ۽ شخصيتن تي به ٽي ڪتاب ڇپيل آهـن . کـيـس ڪيترن ئي اعزازن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي ، جن ۾ ’دائـود ادبـي انـعـام ‘ ( 1954ع ، 1973ع ، 1974ع ، 1975ع ) ، پـاڪـسـتـان حڪومت طرفان ’ستاره امتياز ‘ ( 1990ع ) ، ’طفيل ادبي اوارڊ ‘ ( 1990ع ) ۽ ’هلال امتياز پاڪستان حڪومت ‘ ( 1994ع ) شامل آهن . هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.07.01  عيسوي

ڊاڪٽر جميل جالبي ، 1 جولاءِ 1929ع تي عليڳڙهه ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جادو فقير شهيد
ثريا 1
ڀُوپت
سلمان تاثير
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
خورشيد حسن شيخ
زبيده گهانگهرو
بلقيس ايڌي
اَجن فقير ڏيرو
ضمير گهمرو بئريسٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون